ناديا حسين جون عورتن کي ٿولهه سميت ٻين جسماني تبديلين بابت صلاحون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ ناديا حسين عورتن کي صلاح ڏيندي چيو ته جيئن ئي هو پنهنجي جسم ۾ ڪا تبديلي محسوس ڪن ته انهن کي فوري طور تي رت جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.

ناديا حسين 2 اگسٽ تي انسٽاگرام تي مختصر وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته تازو هن پنهنجو وزن وڌندو محسوس ڪيو  ۽ خاص طور تي چيلهه ويجهو چرٻي جمع ٿيڻ شروع ٿي.

ميڪ اپ آرٽسٽ ٻڌايو ته چرٻي جمع ٿيڻ کانسواءِ کيس ورزش دوران جلد ٿڪاوٽ محسوس ٿي ۽ هڪ ئي وقت مختلف تبديليون محسوس ڪيائين جنهن تي هن  ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ناديا حسين ٻڌايو ته ٽيسٽ ۾ کيس ڄاڻ ملي ته ٿائرائڊ هارمونز جي کوٽ سان گڏ آئرن، وٽامن ڊي ۽ وٽامن بي 12 جي کوٽ پڻ ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته انهن وٽامنز جي کوٽ سبب ميٽابولزم متاثر ٿيندو آهي، ٿولهه، چڙ ۽ ڊپريشن ٿيندو آهي جنهن سان ڪنهن ڪم ۾ دل ناهي لڳندي.

ميڪ اپ آرٽسٽ ٻڌايو ته انهن وٽامنز جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سپليمينٽس ۽ ڄاڻايل وٽامنز سان ڀرپور کاڌا واپرائڻ شروع ڪيا آهن.

ماڊل ناديا حسين عورتن کي خاص طور تي صلاح ڏني ته جسم ۽ طبعيت ۾ ٿوري تبديلي محسوس ڪرڻ تي رت جون ٽيسٽون ڪرائن ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.