نينسي پلوسي تائيوان دوري جو حق رکي ٿي، چين ذميواري جو مظاهرو ڪري : آمريڪا

آمريڪي نمائندن جي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي ايشيائي ملڪن جي دوري تي اڄ تائيوان پهچي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر اچي رهي آهي.

چين طرفان نينسي پلوسي جي امڪاني دوري تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چين ذميواري جو مظاهرو ڪري.

ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي چيو ته ايوان نمائندگان جي اسپيڪر پلوسي کي ٻين آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن وانگر تائيوان وڃڻ جو حق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.