الله هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي ڪامياب ڪيو: شاهه محمود قريشي

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان حڪومت کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ الله هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي ڪامياب ڪيو.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هر امتحان ۾ پورا لٿاسين، اسان کان جيڪي ثبوت گهريا ويا فراهم ڪياسين، اسان عدالت وينداسين ۽ فيصلي کي چئلينج ڪنداسين، پنهنجي حق لاءِ سياسي ۽ قانوني طريقا استعمال ڪنداسين.

هن چيو ته اڄوڪي فيصلي سان اسان جو موقف درست ثابت ٿيو ته اهو فارن فنڊنگ جو ڪيس ناهي، ڪيترن ئي سالن کان اسان جو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو هو، اڄ منطقي انجام تي پهچي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن اڻ ڌري نه رهي، اسان کان جيڪو گهريو ويو ڏنوسين پر ٻين جماعتن کان ڪجهه نه پڇيو ويو، اسان چئي رهيا آهيون ته اسامه بن لادن ۽ ليبيا کان جيڪي فنڊ وٺندا رهيا، انهن کان به حساب وٺو، ٻين جماعتن جا ڪيس به کوليا وڃن.

شاهه محمود قريشي چيو ته انهن جي خواهش هئي پي ٽي آءِ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، انهن جي خواهش هئي ته عمران خان خلاف ايڪشن ٿئي پر الله عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ڪيو ۽ انهن کي ناڪامي نصيب ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.