جاويد اقبال کي عهدي تان هٽائڻ وارو معاملو، عدالت وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس ( ر ) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش معطل ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي حڪم جاري ڪندي جسٽس ( ر ) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سفارش کي معطل ڪري ڇڏيو.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي تان هٽائڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ جاويد اقبال کي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي.

ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اختيارن جو معاملو ٻين ٻن درخواستن ۾ به اُٿاريو ويو آهي، ان تي ڊپٽي اٽارني جنرل راشد ڪياني چيو ته اهو معاملو هاڻ پي اي سي کان انڪوائري ڪميشن ڏانهن هليو ويو آهي.

جنهن بعد عدالت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سفارش کي معطل ڪندي سندن خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ 13 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت ڌرين کي اڳوڻي چيئرمين نيب خلاف تاديبي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.