اداڪارا ديا مرزا جي نوجوان ڀاڻيجي ڪار حادثي ۾ فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ديا مرزا جي ڀاڻيجي ۽ ڪانگريس اڳواڻ فيروز خان جي 25 ورهين جي ڌيءَ تانيا ڪاڪڙي حيدرآباد ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

ديا مرزا تانيا جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي مداحن کي ان افسوسناڪ خبر جو اطلاع ڏنو، هن لکيو ته منهنجي ڀاڻيجي، منهنجي ٻارڙي، منهنجي زندگي هاڻ روشنين ۾ هلي وئي آهي.

اداڪارا لکيو ته خدا ڪري توهان جتي به هجو توهان کي سڪون ۽ محبت نصيب ٿئي، توهان سدائين اسان جي چهرن تي ايندڙ مرڪن جو سبب بڻيا آهيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Dia Mirza Rekhi (@diamirzaofficial)

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تانيا پنهنجي چئن دوستن سان گڏ ايئرپورٽ تان موٽي رهي هئي ته رستي ۾ سندن ڪار حادثي جو شڪار ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ تانيا ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

واضح رهي ته تانيا ڪاڪڙي ميڪ آپ آرٽسٽ هئي، جنهن جي انسٽاگرام فالوئرز جو انگ هزارن ۾ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.