اليڪشن ڪميشن جو فيصلو، تحريڪ انصاف وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻه پٽيشنز داخل ڪيون وينديون.

هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن ۾ هڪ توهين عدالت جي درخواست هوندي، توهين عدالت جي درخواست اليڪشن ڪميشن جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي تي هوندي، ٻي درخواست اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ قانوني غلطين خلاف هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.