زرنش خان زندگي کي سمجهوتن کانسواءِ ڪجهه نٿي سمجهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارازرنش خان مداحن کي سبق ڏنو ته زندگي سمجهوتن کان بغير نه هلي سگهندي آهي ۽ ان ۾ ڪو حرج ناهي ته زندگي ۾ سمجهوتا ڪيا وڃن.

اداڪاراانسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي پنهنجي چاهيندڙن کي زندگي ۾ سمجهوتن جي اهميت بابت سبق ٻڌايو.

هن جيڪا تصوير شيئر ڪئي، ان ۾ هڪ ماءُ پنهنجي ڌيءُ جا ڳوڙها صاف ڪندي کيس سمجهوتي جو سبق ڏيندي نظر پئي اچي.

اداڪاراڄاڻايل تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ان بابت هوءَ پنهنجا وچار پڻ ونڊڻ ٿي چاهي ته سمجهوتن بابت هر ڳالهه جو غلط مطلب ڪڍڻ درست ناهي هوندو.

هن سوال ڪندي لکيو ته سمجهوتن بابت ڪجهه جاين تي غلط خيال ڇو پيش ڪيا ويندا آهن؟ يا ان کي غلط ڇو ڄاتو ويندو آهي؟

زرنش خان لکيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو حرج ناهي ته اهو سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي ته سمجهوتن کان سواءِ زندگي اڳتي نٿي هلي سگهي يا اڳتي نٿي وڌي سگهي.

هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڄاڻايل تصوير ۾ ڌيءُ جي جاءِ تي پٽ هجي تڏهن به  اها حقيقت ئي رهندي ته سمجهوتن کان سواءِ زندگي اڳتي نٿي وڌي سگهي.

زرنش خان لکيو ته جهالت کان بچڻ لاءِ ٺيڪ کي خراب ڪرڻ بجاءِ صحيح کي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

اداڪاراپاران شيئر ڪيل پوسٽ کي ٻين سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز پڻ شيئر ڪيو ويو، جتي ماڻهن اداڪاراجي خيالن سان اتفاق ناهي ڪيو ۽ کيس ياد ڏياريو آهي ته ذاتي اهميت ۽ عزت به ڪا شيءِ هوندي آهي.

گهڻي ڀاڱي مداحن اداڪاراسان اختلاف ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ ڪلهه جي پاڪستاني سماج ۾ عزت نفس کي سمجهوتن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي، سمجهوتن سان زندگي تباهه ٿيندي آهي ۽ ماڻهو جانورن جيان زندگي گهارڻ لڳندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.