اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ڪهڙو قدم کڻندي؟ وڏي خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس بابت فيصلي تي فل ڪورٽ لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته مجاز اداري حقيقتن جو پتو لڳائي ورتو آهي، هاڻ ان بنياد تي وفاقي حڪومت کي ئي سپريم ڪورٽ وڃڻو آهي، اسان عدالت عظميٰ کي درخواست ڪنداسين ته ان ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي، انصاف ملڻ ۾ 8 سال دير ڪئي وئي، هاڻ اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ ان تي جلد فيصلو ڪري.

هن چيو ته وڏن بنيادن تي جمهوري حڪومت آئين تي مڪمل عمل ڪندي ۽ ڪرائيندي، اهي ماڻهو ٻاهران پئسو وٺندا رهيا، اڄ خبر پئي ته پاڪستان ۾ 2014 کان فتني، فاشزم پويان سيڙپڪاري ڪٿان آئي، جيڪو شخص صادق ۽ امين جي دعويٰ ڪري رهيو هو، ان جو حلفي بيان ڪوڙو هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو قانون اها اجازت نٿو ڏئي ته ٻاهرين ملڪ مان ڪنهن ڪمپني کان ڪا سياسي جماعت فنڊ وٺي ۽ اها رقم سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.