فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ٻيو وڏو جهٽڪو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿيڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف تي پابندي سميت مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ٽن آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو پهريون آپشن اهو آهي ته آئين جي آرٽيڪل (3) 17 موجب پي ٽي آءِ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ موڪليو وڃي.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت وٽ ٻيو آپشن اهو آهي ته فارن ايڊڊ سياسي جماعت ڊڪليئر ڪري ڪم اڳتي وڌايو و ڃي، حنيف عباسي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حلفي بيان کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان مشروط ڪيو هو.

اعظم نذير تارڙ چيو ته ٽيون آپشن اهو آهي ته ڪوڙي حلفي بيان تي ڪارروائي لاءِ سڌي ريت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.

هوڏانهن وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي فل ڪورٽ لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.