پي ٽي آءِ کي فنڊنگ ڪندڙ ڀارتڻ روميتا شيٽي ڪير آهي؟ ڄاڻيو حيرت جوڳيون ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف بابت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي فنڊنگ منع ٿيل ذريعن وٽان ٿي.

فيصلي ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن ۽ ڪمپنين جا نالا آهن جن بابت چيو ويو آهي ته هو پرڏيهي شهري آهن ۽ پي ٽي آءِ وٽائن فنڊز وصول ڪيا.

انهن لان ۾ اندر دوسانجه، ويرل لعل، مائيڪل لين، صائما اشرف، مرتضيٰ لوکنڊوالا، ابوبڪر وڪيل، چرنجيت سنگهه، ورشا لٿرا ۽ ٻيا شامل آهن.

پر سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ نالو روميتا شيٽي جو ورتو پيو وڃي.

لکت واري فيصلي جي صفحي 67 تي اليڪشن ڪميشن لکيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان مسز روميتا شيٽي جيڪا ڀارتي ڄائي آمريڪي بزنس وومين آهي ان جي ڊونيشن جي به بينفشري آهي.

اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته روميتا شيٽي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي کي 13 هزار 750 ڊالرز فنڊ ڏنو آهي جيڪو بندش پيل فنڊنگ جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ پاڪستاني قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

روميتا شيٽي ديمائيو احمد ڪيپيٽل ايل ايل سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آهي ۽ پاڪستاني آمريڪن بزنس مين ناصر عزيز احمد جي زال آهي.

ناصر عزيز احمد جي بلوم برگ تي پروفائل موجب هو ڊي اي ڪيپيٽل جو مينيجنگ پارٽنر آهي.

اها ڪمپني سڄي دنيا ۾ پنهنجن گراهڪن کي انويسٽمينٽ، معاشي منصوبابندي ۽ ٻين معاملن ۾ رهنمائي ڏئي ٿي.

ڪمپني جي ويب سائيٽ موجب سندن آفيس آمريڪي شهر نيو يارڪ ۾ آهي.

روميتا گلوبل ٿاٽ ڊيپارٽمينٽ جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي به ميمبر آهي.

روميتا بي اي آنرز انڊين راڄڌاني نئين دهلي جي سينٽ سٽيفن ڪاليج مان ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ هن عالمي لاڳپن ۾ ماسٽرز جي ڊگري ڪولمبيا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.