سون جي قيمت ۾ اڄ به هزارين رپيا لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي.

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو رجحان اڄ به برقرار رهيو، سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 3500 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 54 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جو قدر 3001 رپيا گهٽ ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 31 هزار 945 رپيا ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 6 ڊالر واڌ سان 1780 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.