عمران نيازي پنهنجي اصليت ڏيکاري ڇڏي، سياسي انتقام شروع پر اسان جهڪڻ وارا ناهيون: ن ليگ اڳواڻ

ن ليگ جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ پارٽي جي اڳوڻي اسيمبلي رڪن نذير چوهاڻ جي گرفتاري تي عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

ٽوئيٽر نذير چوهاڻ جي گرفتاري جي ويڊيو شيئر ڪندي حنا پرويز بٽ لکيو ته اڳوڻي ايم پي اي نذير چوهاڻ کي سندس گهر مان دهشتگردن وانگر گرفتار ڪرڻ تي سخت مذمت ڪريان ٿي.

هن لکيو ته نيازي پنهنجي اصليت ڏيکاري ڇڏي، سياسي انتقام شروع پر اسان جهڪڻ وارا ناهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.