ڪراچي: ننڍي عمر جي شادي جي ڪيس ۾ ميڊيا کي ڇوڪري جي سڃاڻپ لڪائڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ننڍي عمر جي شادي بابت ڪيس ۾ ميڊيا کي متاثر ٻارڙيءَ جي سڃاڻپ لڪائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي جي مقامي عدالت پسند پرڻو ڪندڙ ڇوڪري جو نالو نه ظاهر ڪرڻ بابت ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته چائلڊ ريسٽرين ميرج ايڪٽ ۾ آهي ته سڃاڻپ، پتو ۽ تصوير شايع ڪرڻ منع آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته متاثرن جو تحفظ ڪري سگھجي.

عدالت حڪم ڏنو ته سمورا ميڊيا پرسنز متاثر ڇوڪري جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ کي يقيني بڻائين، ڇوڪري بابت جيڪا ڄاڻ اڳ ۾ شايع ٿي، ان کي وڌيڪ پکيڙڻ کان روڪيو وڃي.

عدالت پنهنجا حڪم سڀني ميڊيا ريگوليشنز کي به موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.