ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل ايشيا ڪپ 2022ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽورنامينٽ ۾ فائنل کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻه ميچون ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ 27 آگسٽ کان يارنهن سپٽمبر تائين سريلنڪا جي ميزباني ۾ گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيو ويندو.
ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمون گروپ اي ۾ شامل آهن جتي ٽئين ڪواليفائر ٽيم کين جوان ڪندي.
گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان شامل آهن، پهرين مرحلي ۾ سنگاپور، گڏيل عرب رياستون، هانگ ڪانگ ۽ ڪويت ڪواليفائر ٽيم طور جڳهه ٺاهڻ لاءِ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
شيڊول موجب شروعاتي ميچ 27 آگسٽ تي سريلنڪا ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 28 آگسٽ تي ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ٻه سپٽمبر تي پاڪستان ٽيم ڪواليفائر مقابلو ڪندي، پهرين مرحلي کانپوءِ ٻنهي گروپن مان ٻه ٻه ٽيمون سپر فور ۾ جڳهه ٺاهينديون جنهن ۾ هر ٽيم ٽي ميچون کيڏندي.
سپر فور ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو چار سپٽمبر ٿيڻ جو امڪان آهي، ايونٽ جو فائنل يارنهن سپٽمبر تي ٿيندو.