عاليه ڀٽ نوجوان ڇوڪرين لاءِ اهم پيغام جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ادڪارا عاليه ڀٽ جو چوڻ آهي ته کيس سٺو ناهي لڳندو ته جڏهن هن کي بيوقوف چيو ويندو آهي ۽ ماڻهو مٿس ميمز ٺاهيندا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو دوران عاليه ڀٽ اعتراف ڪندي چيو ته ماڻهو کيس احمق چوندا ۽ هوءَ اهو ڄاڻي ٿي.

عاليه چيو ته مونکي سچ ۾ تمام گهڻو سٺو لڳندو آهي جڏهن ماڻهو اهو سوچيندا آهن ته مان احمق آهيان، ڇاڪاڻ ته پوءِ وري مون تي بيشمار ميمز ٺاهيا ويندا آهن جنهن ڪري منهنجي شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو آهي.

اداڪارا چيو ته پوءِ ماڻهو منهنجون فلمون ۽ ڪم به تمام گهڻو پسند ڪندا آهن، انڪري مان مطمئن رهندي آهيان ته واقعي مان اداڪاري جي شعبي ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهيان.

هن سمورن نوجوانن ڇوڪرين کي پيغام ڏيندي چيو ته عام معلومات ۽ ڪتابي ذهانت منهنجي نظر ۾ ذهانت ناهي، منهنجي ڳالهه مان غلط مطلب نه ڪڍجو پر مونکي اهو ئي درست لڳندو آهي.

عاليه چيو ته دنيا ۾ جيئرو رهڻ لاءِ جذباتي ذهانت هئڻ ضروري آهي، جيڪا ذهانت جي اعليٰ ترين صورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.