ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو رڪجڻ لڳو ۽ مسلسل ٻئي ڏينهن ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر مسلسل ٻئي ڏينهن ڪِريو آهي، ٻن ڏينهن ۾ ڊالر 99 پئسا سستو ٿي چڪو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 46 پئسا گهٽ ٿيڻ کانپوءِ 238 رپيا 38 پئسا آهي.
اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر هڪ رپيو 50 پئسا گهٽ ٿي 240 رپيا 50 پئسا آهي.