مڇرن جو پسنديدا شڪار ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن؟ بچڻ جو راز به ڄاڻي وٺو

گرمين جي مند دوران ماڻهو سير سفر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته ڊگهن ڏينهن سبب گهر کان ٻاهر وقت گذارڻ سٺو لڳندو آهي.

پر هي اها ئي موسم پڻ آهي  جڏهن مڇرن جي ڀرمار هوندي آهي خاص طور برساتن جي سيزن ۾ .

مڇرن جي چڪ پائڻ سان رڳو خارش جو منهن ناهي ڏسڻو پوندو پر مختلف بيمارين جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.

پر ٿي سگهي ٿو ته توهان ويجهو ڪو اهڙو فرد به هجي جيڪو اها دعويٰ ڪندو آهي ته کيس ڪڏهن ته مڇر چڪ ناهي پاتو.

ته پوءِ ڇا ائين واقعي ممڪن به آهي؟ يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر اهڙا سائنسي ڪارڻ موجود آهن جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته خاص ماڻهو مڇرن جو پسنديدا شڪار ڇو هوندا آهن.

هونئن سببن کان پهرين اهو ڄاڻي وٺو ته رڳو مادي مڇر ئي توهان جو رت چوسيندي آهي ته جيئن اسان جي رت مان حاصل ٿيندڙ پروٽين ذريعي واڌ ويجهه جي شرح کي بهتر ڪري سگهي.

مڇرن جي چڪ پائڻ جا ڪارڻ هيٺ ڏنل آهن

لباس جو رنگ

مڇرن گهڻي قدر پنهنجي اکين جي روشني کي شڪار لاءِ استعمال ڪندا آهن، ته گهري رنگ جهڙو ڪارو، نيوي بليو ۽ ڳاڙهو  رنگ انهن جي ڌيان جو مرڪز هوندا آهن.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڪارو رنگ مڇرن پسنديدا آهي.

ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ

اکين جي روشني سان گڏوگڏ مڇرن سنگهڻ جي حس کي به شڪار ڳولڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن،

ڪنهن ماڻهو جي جسم مان خارج ٿيندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ان جي توجهه حاصل ڪندي آهي.

هي گئس ساهه کڻڻ واري عمل دوران خارج ٿيندي آهي، هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڇر ان گئس کي 164 فٽ جي مُفاصلي تان به سنگهي وٺندو آهي.

ته پوءِ جيڪي ماڻهو گهڻي مقدار ۾ اهو گئس خارج ڪندا آهي مطلب وڌيڪ جسماني وزن وارا يا ورزش دوران گهرو ساهه کڻڻ وارا، مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندا آهن.

جسماني بوءِ ۽ پگهر

ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سان گڏوگڏ مڇر جسماني بوءِ ۽ پگهر مان خارج ٿيندڙ مرڪب ڏانهن به حملي آور ٿيندا آهن.

يورڪ ايسڊ، ايمونيا ۽ لوڪٽڪ ايسڊ جهڙا مرڪب به انساني چمڙي ۽ پگهر ۾ موجود هوندا آهن.

سائنسدان لاڳاتار ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آخر خاص جسماني بوءِ مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش ڇو هوندي آهي، هاڻ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته جينز، چمڙي تي موجود بيڪٽريا ۽ ورزش وغيرا ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ وارا عنصر آهن.

رت جو قسم

هڪ عام خيال اهو پڻ آهي ته مڇر رت جي خاص گروپن کي وڌيڪ پسندا ڪندا آهن.

بلڊ گروپ جو تعين جينز ذريعي ٿيندو آهي ۽ هر گروپ لاءِ مخصوص پروٽينز جي ضرورت هوندي آهي.

اي بي، اي بي ۽ او 4 وڏا بلڊ گروپس آهن، هونئن ته ان ڏس ۾ حتمي طور تي طئي ناهي ٿي سگهيو ته رت جو ڪهڙو گروپ مڇرن لاءِ وڌيڪ پرڪشش آهي پر ڪجهه تحقيقي رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته او بلڊ گروپ مڇرن جو اشتها وڌائيندو آهي.

پر جيئن ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته في الحال ڪجهه به حتمي ناهي ۽ ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.