سنڌوءَ ۾چاڙهه بعد راضي ديرو جو ڪچو ٻڏي ويو،هزارين ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل

راضي ديرو (ن ع آ)راضي ديرو جي ڪچي واري علائقي ۾ مسلسل برساتن کان پوء سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب ننڍي ٻوڏ اچي وئي آهي  جنهن ۾ راضي ديرو جي ڪچي جا ڳوٺ علي نواز سيال محمد پناه ڊرگهه عارفڪلهوڙو عثمان ناريجو صديق ناريجو علي داد سيال رانجو ڪلهوڙو  ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ڪچي وارن ماڻھن جا شھر سان اچڻ وڄڻ وارا رابطا  ختم ٿئي ويا آهن  ٻوڏ متاثر پھنجي مدد پاڻ تحت ڪرائي تي ٻيڙيون ڪرائي محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي جڏهن ته هزارين ايڪڙن جا فصل تيار ٿيل جن ۾ ڦٽي  جوئر  ڪمند جھجڻ سائو  ۽ ٻيا فصل  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا . ڳوٺائڻ فقير محمد سيال دودوناريجو تاج محمد سيال ڪامريڊ مور ناريجو ياسين احمد ڊرگهه محبت علي سيال ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪلر جا ريٽ ڊيزل زرعي دوائون جا ٻيڻا ريٽ هجڻ سبب فصل کي تيار ڪرڻ لاء وڏا خرچ ٿي ويا آهن جيڪي هن وقت تيار ٿيل فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن حڪومت پاران هن وقت تائين ڪابه امدادي ڪاروائي ناھي ڪئي وئي ، ڪيترائي ماڻھون پاڻي ۾ ڦاٿل آهن ضرورت ڳالهه هن جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته فوري تور نوٽيس وٺي ڪري مدد ڪئي وڃي ۽ آبادگارن کي ريليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.