ڇاڇري جي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ، ڊاڪٽر گم، مريض دربدر، احتجاج

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير ) ڇاڇرو جي تعلقي اسپتال ۽ فلاحي اداري لو اينڊ ٽرسٽ ۾  گائناڪولاجسٽ جي مقرري نه ٿي سگهي . گذريل پندرهن ڏينهن کان ڇاڇرو ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب مسڪين مارواڙا پرائيويٽ سينٽرن تي دربدر ٿي رهيا آهن ان حوالي سان  ڇاڇرو ۾ صحت جون سهولتون نه ملڻ تي صحت کاتي ٿرپارڪر خلاف  مختلف ڳوٺن جي ماڻهن ڀلجي ڀيل جي اڳوڻي ۾ ساجن ڀيل،ڪانجي ڀيل ٻين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال ۾ به ويم لاءِ ايندڙ عورتن جي علاج جي ڪا به سهولت ناهي جڏهن ته غيرملڪي فلاحي اداري ڪورين اسپتال جي انتظاميه به  اسپتال ۾ ڊليوري ڪرائڻ بند ڪري ڇڏي آهي  هاڻ اسان غريب ماڻهون ڪيڏانهن وڃون، سرڪاري اسپتال ۾ ته هوئين به سهولتون نه هيون جڏهن ته ڊليوري سميت ٻيون علاج سهولتون غريب ماڻهن کي ڪوريا اسپتال ۾ ملنديون هيون جيڪا هڪ مهيني کان بند ڪري ڇڏي آهي،غريب عوام دربدر ٿي رهئي آهي .جڏهن ته صحت کاتي ٿرپارڪر جي لاپرواهي سبب مسڪين ماروئڙا پرائيويٽ سينٽرن تي دربدر ٿي رهيا اهن ٻهراڙيء جا غريب ماڻهون ڳرا ڪرايا ڀري ڇاڇرو اچن ٿا پر انهن کي وري اڳتي ريفر ڪيو ٿو وڃي ،رهواسين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڇاڇرو ۾ جلد ليڊي ڊاڪٽرياڻي مقرر ڪري پريشاني کان بچايي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن

لعلو رائنڪ لڳ ڳوٺ تي چڙهائي، تشدد، عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ، احتجاج

لعلو رائنڪ (ن ع آ) لعلو رائنڪ لڳ ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ ڳوٺ شهبيگ مغيري تي وڳڻ، نصيرآباد ۽ لعلورائنڪ ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڪاهي پئي،پوليس سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪئي ته عورتن توڙي ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. عورتن قرآن هٿن ۾ کڻي پوليس کي واسطا ڏنا، جنهن تي پوليس واپس موٽڻ تي مجبور ٿي پئي.وڏانهن بنا جواز گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف مغيري براداري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.عباس مغيري،  نظير مغيري منظور مغيري، سليم مغيري ۽ عاشق مغيري ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس بنا جواز  گهرن ۾ گهڙي  اسان جي عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ انهن مٿان تشدد ڪيو جڏهن ته پوليس کي اسان جي ڳوٺ مان ڪو به ڏوهاري هٿ نه اچي سگهيو. تڏهن به پوليس اسان جي تذليل ڪئي آهي. ڇا هن معاشري ۾ غريب ٿيڻ ڏوھ آهي. جو پوليس اسان سان چورن ۽ ڌاڙيلن وانگر ورتاءُ ٿي ڪري.هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته جيڪي چور يا ڏوهاري آهن، انهن خلاف ڪاررروائي ڪئي وڃي، اسين  مسڪين ماڻهو آهيون، چوري چڪاري مان ڪين ڄاڻون. اسان جي ڳوٺ مٿان پوليس چڙهائي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

شھدادڪوٽ ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ٻارڙو فوت، احتجاج

شھدادڪوٽ (رپورٽ:ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ 5 ورھين جو ٻارڙو مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڳوٺ ڪارڙا  جي رهواسڻ پنهنجي 5 ورھين جي پٽ عمر فاروق کي بخار هئڻ ڪري علاج لاءِ تعلقي اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر روشن سومرو جي خانگي اسپتال آندو، جتي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ  سبب ٻار ماءُ جي هنج ۾ ئي تڙپي فوت ٿي ويو. جڏهن ته پٽ جي فوت ٿيڻ تي ماءُ جون اسپتال ۾ رڙيون پئجي ويون. ھوڏانهن فوتي ٻار جي ماءُ صحافين کي ٻڌايو ته پٽ کي معمولي بخار هو، کيس علاج لاءِ ڊاڪٽر روشن سومرو جي اسپتال آندو جتي غلط انجيڪشن لڳڻ جي ڪري ھن جو پٽ تڙپي فوت ٿي ويو.ٻئي پاسي متاثر عورت پنهنجي مڙس ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏجي ٻار جو لاش اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران  رکي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جي گرفتاري ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ احتجاج پڻ ڪيو,جنهن بعد پوليس متاثرن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو..

پيرجوڳوٺ ۽  ڀرپاسي گيسٽرو، 80 وڌيڪ مريض اسپتال داخل

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ ۽ آس پاس جي مختلف علائقن احمدپور، پريالوء، صدرجي ڀٽيون، وڏا مهيسر ۽ ٻين علائقن ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول نه ٿي سگهي آهي، 80 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن داخل ٿيل مريضن ۾  ثريا، علي جان، عبدالحڪيم، معراج، ڪليم الله، عاشق علي، سليم، محسن، حنيف، هدايت ﷲ، برڪت، قنديل، عليزه ۽ ٻين کي رورل هيلٿ سينٽر پيرڳوٺ داخل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ بسترن جي کوٽ سبب هڪ بستري ٻن کان ٽن مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آهي. ان سلسلي ۾ مريضن جي وارثن سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڪي به سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن. خيرپور ريفر ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف رورل هيلٿ سينٽر پيرڳوٺ جي ايم ايس ڊاڪٽر برڪت علي ڪانھر ميڊيا کي ٻڌايو ته تازين پيل برساتن کانپوءِ گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿيو آهي، انڪري علاج سان گڏ احتياط به ضروري آهي هڪ ڏينهن اندر 80 مريضن کي داخل ڪري علاج ڪيو آهي. پيرجوڳوٺ اسپتال ۾ بيڊ تمام گهٽ آهن. هن اهو به ٻڌايو ته برساتن سان گڏ کاڌخوراڪ جهڙوڪ کاڄرو تيل سمست ٻين شين ۾ ملاوٽ سبب به گيسٽرو سميتپيٽ جي بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.