ٽنڊي محمد خان ۾ بلن تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف واپارين جا ڌرڻا

ٽنڊومحمدخان ( رپورٽ: حيدر شورو) وفاقي سرڪار پاران بجلي جي بلن تي ناجائز لڳايل سيلز ٽيڪس خلاف صرافه ايسوسيئيشن ۽ تاجران فيڊريشن طرفان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن ، ان ڏس ۾ صرافه ايوسيئشن جي صدر ارشد پنهور ، لال خان رند ، عشرت نديم ، تاجران فيڊريشن جي صدر حاجي اسماعيل ميمن ، حاجي شبير ميمن ، سليم گدي ، شيراز ميمڻ ، عبدالڪريم شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار بجلي جي بلن تي دڪاندارن مٿان هٿرادو طور تي لڳايل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري واپارين کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي ، سيلز ٽيڪس هر مهيني ننڍي توڙي وڏي دڪان جي مالڪ کي ڏيڻ جو زبردستي بل تي سيلز ٽيڪس لڳائي ظلم جي انتها ڪئي ويئي آهي جيڪا واپاري تنظيمون هرگز قبول نه ڪنديون ،  هنن اعلى اختيارين کان فوري طور بجلي جي بلن مان فوري طور سيلز ٽيڪس ختم ڪري واپارين سان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ، ٻي صورت ۾ واپارين پاران احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.