موٽروي پوليس جو بهترين عمل، نوجوان جي زندگي بچائي ورتي

گمبٽ(ن ع آ) موٽروي پوليس جو عمل، نوجوان جي زندگي بچائي ورتي، ڊي ايس پي موٽروي شوڪت علي ڀٽي ٻڌايو ته ڪراچي کان مانسهره ويندڙ ڪوچ ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري 25 سالن جو محمد وسيم بيهوش ٿي ويو. ڪوچ ڊرائيور جي اطلاع تي موٽروي پوليس جي پي او هوش محمد ۽ جانب علي بر وقت ريسڪيو ڪندي بيهوشي نوجوان محمد وسيم کي کڻي گمس اسپتال پهچايو جتي نوجوان جي زندگي بچي وئي آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر ٻڌايو ته نوجوان کي ڪوچ ۾ صفر دوران دل جو دورو پيو هو. جنهن کي موٽروي پوليس بروقت پهچائي زندگي بچائي ورتي آهي هن وقت نوجوان جي زندگي کي ڪو به خطرو نه آهي وڌيڪ علاج هلي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.