اوٻاوڙو لڳ ڪوچ جو سوزوڪي کي ٽڪر، ٻارڙو ۽ عورت فوت. 4 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو  ) رپورٽ عبدالحئي ڇڄڻ   )  اوٻاوڙو مريدشاخ لڳ گڊو انٽر چينج وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافرڪوچ جي  سوزوڪي کي زور دار ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ پير سن عورت مائي خاتون ۽ ٽن ورھن جو ٻارڙو موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ ھڪ عورت سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ھزاري ولد الھبچايو ڀارو نظام الدين مائي وسڻ خاتون  ڊرائيور دلبر ڪنڀر سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي موٽر وي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي رحيميار خان اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن زخمين جو علاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو کنڀڙا  پوليس پھچي ڪوچ کي پنھنچي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.