رائونتي لڳ مختلف برادرين جا تڪرار ختم نه ٿيا، علائقا نوگو ايرا بڻيل

رائونتي   ( رپورٽ : منير احمد شر ) گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب  شر سيلرا ، ڌونڌو، ڀٽا، پٺاڻ، ڇڄڻ برادري ۾ ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار نه نبرجي سگھيا، ٽن درجن جي لڳج ڀڳ بي گناھ ڳڀرو نوجوان گولين جو کاڄ بڻجڻ باوجود ھن وقت تائين ٺاپر نه اچي سگهي آهي،  جنھن سبب شر، سيلرا ،ڌونڌو ۽ مختلف  برادرين جا ماڻھون تڪرار بعد مورچا بند بڻيل آھن ان سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ مليل معلومات موجب ڪچي جي مختلف علائقن جا ھزارين ماڻھون قبائلي تڪرارن جي خوف سبب گھرن ۾ ڪيتري عرصي کان قيدين واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن جنھن ڪري شر سيلرا ڌونڌو برادرين سان تعلق رکندڙ ھزارين معصوم گلاب جي گلن جھڙن ٻارڙن جو مستقبل پڻ داءُ تي لڳل آھي ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد ھجڻ ڪري بنجر بڻجي ويون آهن ان سلسلي ۾ علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس آهي جو ڪيترن ئي سالن کان ڪچي جا علائقا قبائلي تڪرارن جي سبب نوگو ايريا بڻيل آھن ڪيترائي ماڻھون موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن پر افسوس جو مقام ھي آھي ته گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندا سياسي سماجي اڳواڻ توڙي جو انساني حقن جون تنظيمون صرف سوشل ميڊيا ذريعي پنھجي شھرت ۾ مصروف آھن ليڪن قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ھن وقت تائين ڪو عملي ڪردار ادا نه ڪيو آھي جيڪو انتھائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي ھنن ڪمشنر سکر ڊويزن ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ڊي آءِ جي سکر  ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو ۽ گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي اپيل ڪئي آهي ته خدارا انسانيت جي ناتي قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪو عملي ڪردار ادا ڪري قبائلي تڪرار ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.