ميهڙ ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ، 50 کان وڌيڪ ماڻهو مرض ۾ مبتلا

ميھڙ (س ر ) ميهڙ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ ھڪ ڏينھن اندر گيسٽرو ۾ مبتلا 50 کان وڌيڪ مرد ، عورتون ، ٻار مريض پهتا آھن تعلقي اسپتال ميهڙ پهتل مريضن ۾ علي نواز کوسو ، عبدالرشيد جانوري ، غلام حيدر ، ذيشان ، محمد عيسي ، راشد علي ، گلاب خان مدد علي ، سراج علي ، مسمات عنيلا ، مسمات رابعه ، مسمات شجيلان ، دعا ڌي اڪرم ، شايان پٽ ظهير ، ڪومل دعا ۽ ٻيا شامل آهن .تعلقي اسپتال ۾ پهتل مريضن کي طبي امداد بعد 10 کان وڌيڪ مريضن کي لاڙڪاڻي ۽ دادو منتقل ڪيو ويو آهي جڌهن ته 20 مريضن کي طبي امداد بعد فارغ ڪيو ويو آهي 20 کان وڌيڪ مريضن کي تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ داخل ڪيو ويو آهي .تعلقه اسپتال ميهڙ جي ايمرجنسي شعبي ۾ داخلا واري رجسٽر ۾ گذريل ڏينهن به 62 مريض رپورٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ بيڊ پورا ٿيڻ کان پوء ھڪ بيڊ تي ٽن ٽن مريضن کي رکيو وڃي ٿو .مريضن لاءِ ڪا به سهولت ناهي ، سخت گرمي سبب اسپتال ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ مريضن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، جڏهن ته ميهڙ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گيسٽرو وبا جي صورت اختيار ڪرڻ باوجود صحت کاتي ڪو به تحرڪ ناهي ورتو .دست ۽ الٽين سبب مريض بي حال آهن جڏهن ته صحت کاتي پاران گيسٽرو جي روڪٿام لاءِ ڪي به اپاءٌ نه وٺڻ سبب مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي .ميهڙ جي سڄاڻ ڌرين صحت کاتي کان تحرڪ وٺڻ ۽ تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ بيماري کان اعلاج ۽ بچاءَ لاءِ سهولتون ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.