لسٻيلي ۾ ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو بي گهر، کليل آسمان هيٺ ويٺل، راشن ۽ دوائن جي کوٽ

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن، صوبي ۾ فوتين جو انگ 136 کان وڌي ويو آهي، شاهه نوراني کان وٺي دريجي تائين، حب کان وندر، ۽ اوٿل کان ٻيلي تائين روڊ، گهر، هاءِويز جون نيون پراڻيون پليون تباهه ٿي ويون آهن، وڍ، آڙنجي، شاهه نوراني، لوهي، سوندي، جمبورو، گاج کيرٿر ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، سارونه ۽ شاهه نوراني ۾ 200 کان وڌيڪ گهر ڪري پيا آهن، ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، 10 ڏينهن کان زميني رابطو ڪٽيل آهي، زميندارن جا بيٺل فصل، ڪپهه، مرچ، ٽماٽا، ڀينڊيون ٻوڏ جي پاڻي جي نذر ٿي ويون آه، ڪيترن ئي ٽيوب ويلن جا سولر پئنل به تباهه ٿي ويا آهن،خضدار جي علائقن باجوڙي توتڪ، باغبانه فيروزآباد ۽ آسپاس ۾ ٻوڏ سبب سوين ڪچا گهر زمين بوس ٿي ويا آهن، متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽائڻ ۽ ٻيهر تعميرات ۾ مصروف آهن، جڏهن ته متاثرن کي فوري امداد، دوائن، خيمن، راشن ۽ ٻيئي ضروري سامان جي شديد ضرورت آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.