لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمي اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جن ۾ 7 ورهين جو عبدالجبار لاشاري سندس جي 4 ورهين جي ڀيڻ رخسانہ لاشاري، 23 سالن جو ساجد علي شاھ، 7ورهين جو محمد کوسو، 16 سالن جو حبيب الله جتوئي، 26 سالن جو ابرار حسين ڪلھوڙو ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪتن جي حملن ۾ زخمي ٿيلن کي سندن وارثن الڳ الڳ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم ويڪسين سينٽر تي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران متاثرن کي ويڪسين لڳائڻ سميت ٻي طبي امداد فراهم ڪري کين گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.