راضيديرو (ن ع آ) راضيديرو لڳ ڳوٺ مهرو واهڻ جو رهواسي غريب پورهيت ضمير حسين گلال جو مسلسل برسات پوڻ سبب گهر ڪري پيو۔غريب پورهيت ضمير حسين گلال سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته مان غريب مسقين مزدور ڳوٺ مهرو واهڻ ڪائونسل 74 منور آباد جو رهواسي آهيان منهجو گهر مسلسل برسات پوڻ سبب ڪري پيو آهي جنهن ۾ منهنجو وڏو نقصان ٿيو آهي مان گڏه گاڏو هلائي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان مونکي نو ننڍڙا ٻچڙا آهن مان مختيار ڪار گمبٽ ڊي سي خيرپور ۽ ايم پي اي نعيم احمد کرل ايم اين اي جاويد علي شاه جيلاني ۽ وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاه جن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته مون غريب جي واهر ڪري مونکي گهر ٺهرائي اسان جي بيچيني ختم ڪرائي وڃي.