ميان صاحب/سلطان ڪوٽ ( نمائندن وٽان) همايون جي ڳوٺ چوڏيو سڌايو جو رهواسي33 ورهين جو ميرل عرف ميرڻ پٽ محمد صديق بکراڻي بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ مزدوري دوران صوفن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڳوٺ آندو ويو،ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.فوتي نوجوان کي سوين آلين اکين سدان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.