ٺٽي ۾ بدامني، هڪ ڏينهن ۾ 3 وارداتون

ٺٽو(ڊر)ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ بہ بدامني جي ور چڙھي ويئي، چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل، ٻگھاڻ پوليس جي حد مور ڇڏائيءَ ۾ قادر گلڙيءَ جي ھوٽل تي بيٺل عبدالستار جت جي سوزوڪي پِڪ آپ ڪي نامعلوم چور چوري ڪري ويا، حد جي پوليس وٽ رپورٽ درج درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ اڻي ناھي سگھي،  ٻئي طرف ڪالھ ڏينھن ڏٺي ٻگھاڻ شهر مان سيد پيرو شاھ ۽ مولوي صديق جوکيو جون 2 موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون ھيون، جيڪي حد جي پوليس شڪ جي بنياد تي ٻاٻيھو لڳ ڳوٺ عثمان گودڙيو ملاح تي ڇاپو ھنيو تہ کين چوري ٿيل ٻئي موٽرسائيڪلون ھٿ اچي ويون، پر جوابدار موقعي مان فائدو وٺي فرار ٿي ويا آھن، جن جي پوليس ڳولا جاري ڪندي سندن گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، آخري اطلاعن تائين ڪوبہ جوابدار گرفتار ٿي نہ سگھيو ھو ۽ نہ ئي چوري ٿي ويل سوزوڪي پڪ اپ جو ڪو پوليس پتو لڳائي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.