ڀارت جو مشهور راڳي ٺارو شاهه پهتو، ماسٽر چندر جي گهر جو دورو

ٺاروشاھ   ( ن ع آ ) ڀارت جي مشهور راڳي پريم ڀارتيا جو ٺاروشاھ ۾ هنڌ ۽ سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر جي جنم ڀومي گهر جو دورو ڪيو ٺاروشاھ واسين کيس اجرڪ ۽ ٽوپين جا تعفا ڏنا ماسٽر چندر جو گهر ڏسي انتهائي خوشي ٿي آھي سنڌين پاران ڏنل محبت ڪڏھن به زندگيءَ ڀر وساري نٿو سگهان ڀارتي راڳيءَ  جون ميڊيا سان ڳالهيون. ڀارت جي مشھور راڳي پريم ڀارتيائي هنڌ ۽ سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر جي جنم ڀومي گهر جو دورو ڪيو پريم ڀارتيائي جي ٺاروشاھ آمد تي شھرين کيس اجرڪ ۽ ٽوپيون اوڌائي ڀرپور استقبال ڪيو، ان موقعي تي مشهور راڳي پريم ڀارتيائي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي محبت ڪندڙ ماڻھن جو ديس آھي، اڄ ٺاروشاھ ۾ پهچي مهان راڳي ماسٽر چندر جو گهر گهمي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان، زندگيءَ  ۾ خوائش ھئي ته ماسٽر چندر جو گهر ڏسان اڄ پاڻ کي وڏو خوش قسمت سمهجي رهيو آھيان، هن چيو ته ٻڌو هو ته   سنڌ ۾ پيار ۽ محبت ورهائي ويندي آھي اڄ سنڌين پاران منهنجي ايتري عزت ڪرڻ تي يقين ٿيو ته سنڌي واقعي ئي مهمانواز ۽ پيار ونڊيندڙ ماڻھون آھن ان موقعي تي مشھور سنگر پريم ڀارتيائي ماسٽر چندر جو تخليق ڪيل دوهيڙو پڻ گونجاري شھرين کي ٻڌايو جڏھن ته پوليس پاران کيس سخت سيڪورٽي ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.