لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي، الزام هيٺ آيل گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد حسيني پاڙي جي رهواسي 10 ورهين جي معصوم نينگر محمد مراد پٽ سجاد ابڙو کي علائقي جي اوباش نوجوان امجد چانڊيو مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشاڻو بڻايو، اهڙي واقعي جي اين سي متاثر نينگر جي وارثن طرفان حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي، جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪندي الزام هيٺ آيل اوباش نوجوان کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪندي متاثر نينگر جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي نينگر جي چاچي شعبان ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته علائقي جي نوجوان امجد چانڊيو طوطا وٺي ڏيڻ جي بهاني سان منهنجي 10 ورهين جي ڀائٽي محمد مراد کي دودائي روڊ وٽ باغن ۾ وٺي وڃي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشاڻو بڻايو آهي، اهڙي دانهن اسان بروقت حيدري ٿاڻي جي پوليس کي ڏني سين، جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ڀائٽي سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري کيس سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.