روهڙي لڳ مبينا مقابلو، ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

روھڙي (ن ع آ )روهڙي واري علائقي لونگ ڀٽي جيلنڪ روڊ واٽر سپلائي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مبينا مقابلو ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ اسلحو برآمد ھڪ ڦورو فرار، پوليس موجب پڪڙيل ڦورو موٽر سائيڪل اسنيچنگ چوري ڌاڙا ۽ ڪيئي ڏوھن ۾ پوليس کي گهربل هو، گرفتار ڦورو کان پستول ميگزين ۽ ڪافي گوليون ھٿ ڪيون ويون آهن، ڦورو جي سڃاڻپ محمد قاسم جعفري جي نالي سان ٿي آهي، ڦورو کي روھڙي جي تعلقا اسپتال آندو ويو جتان سکر جي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان موقعي جو فائدو وٺي ٻيا ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا فرار ٿيل ڦورون جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي،  پوليس گرفتار ڦورو جو ڪرمنل رڪارڊ ٿاڻن کان گڏ ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.