برسات متاثرن کي مالي امداد ڏئي رهيا آهيون: پارس ڏيرو

سانگهڙ ( رپورٽ محمد حسين بلوچ) سانگهڙ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي صلاحڪار ۽ رين ايمرجنسي بابت فوڪل پرسن سردار پارس ڏيرو آگسٽ مهيني ۾ سانوڻي جي تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ  کي هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي ضلعن جي سمورن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نالن جي صفائي تيز ڪئي وڃي ته جئين ايندڙ امڪاني تيز برساتن سبب عوام کي ڪنهن پريشاني کي منهن نه ڏئڻو پوي. اڄ سندس آفيس مان جاري هڪ بيان ۾ سردار پارس ڏيرو چيو ته هو شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ برساتي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي جڏهن ته مختلف علائقن مان پاڻي جي نيڪالي سميت برسات متاثرن لاءِ امدادي سرگرميون تيزي سان هلي رهيون آهن هن ٻڌايو ته سمورن علائقن ۾ مڇر مار اسپري، متاثر علائقن ۾ موبائيل طبي ڪيمپن ذريعي عوام کي مفت علاج فراهم ڪرڻ سميت چوپائي مال جي ويڪسين جاري آهي جڏهن ته متاثرن جي نقصان جو کاٿو لڳائي رهيا آهيون ته جئين انهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ايندڙ برسات بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته اها اڳ واري برسات کان وڌيڪ تيز هوندي ان ڪري ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته پاڻي جي نيڪالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ سمورن کاتن کي هائي الرٽ رکيو ويو آهي ته جئين ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي فوري طور منهن ڏئي سگهجي هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٻنهي ضلعن ۾ امڪاني تيز برساتن کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو ويندو ۽ عوام کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.