سيوهڻ مان کنڀي گم ڪيل شاگردن جو پتو نه پيو، وارث سراپااحتجاج

سيوھڻ(ن ع آ)سيوهڻ ويجهو  ڳوٺ نگاول مان 4 مهينا اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل 2 شاگرد نينگرن شاگردن عرفان نوحاڻي ۽ وزير نوحاڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف  سندن وارثن پريس ڪلب سيوهڻ پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ شاگردن جي آزادي لاء  سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاھرين، بشير نوحاني، راول نوحاڻي، لياقت نوحاڻي، سجاد نوحاڻي، نواز نوحاڻي، امام علي جتوئي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 4 مهينا اڳ نئينگ پوليس ۽ سول ڊريس پهريل اهلڪارن رات جي اونداهي ۾ گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪري سندن ٻن شاگردن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي مسلسل احتجاجن باوجود ايس ايس پي ڄامشورو خاموش بڻيل آهي جنهن ڪري عرفان ۽ وزير نوحاڻي جا وارث سخت پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جيڪڏهن شاگرن جو ڪو به ڏوه گناه آهي ته ڪيس داخل ڪري کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي يا کين بنا دير آزاد ڪيو وڃي. مظاهرين آئي جي سنڌ،  ڊي آئي جي حيدرآباد کان  مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيگناه کنڀي گم ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.