راڻيپور شيعا جي تنظمين پاران ٽائون ڪاميٽي ڪيل انتظامن تي عدم اطمنان جو اظھار

راڻي پور(ن ع آ)رڻي پور جي انجمن مسافران شام، شعيا علامه ڪائونسل، سميت مختلف شعيا تنظمين جي اڳواڻن پاران محرم الحرام دوران ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي ڪيل انتظامن تي عدم اطمنان جو اظھار، انتظام بھتر ڪرڻ جي گھر، ڊي سي، سميت اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي شھر ۾ صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جي سسٽم درست ڪرڻ جي گھر،رپورٽ موجب انجمن مسافرا شام راڻي پور سميت مختلف انجمنن جي شعيا اڳواڻن چيو آھي ته راڻي پور ۾ عشرہ محرم الحرام دوران ھر رات جو مجلسون ۽ ماتم ھئڻ باوجود گھٽين ۾ روشنيءَ جا انتظام نه ھئڻ ڪري ماتمي روٽن رستن تان ماتمن جو گذر ڏکيو ٿي ويو آھي. جڏھن ته شھر جي مختلف رستن، چوڪن، چورائن ۽ گھٽين ۾ اوندھيءَ جو راڄ قائم ٿيل آھي. ھر جائي تي گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آھن. شھر اندر صفائي ڪٿي به نظر نه اچي رھي آھي. جنھن جي ڪري سڄو شھر گندگيءَ جو ڍير بڻجي چڪو آھي. ھنن ٻڌايو ته ٽائون آفيسر کي انتظامن لاءِ چئون ٿا ته جواب ۾ چئي ٿو ته اسان وٽ ٽائون ۾ پئسا ئي ناھن ۽ نه وري انھيءَ سلسلي ۾ ڪا بجيٽ ئي رکيل آھي. ھنن ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻ موجب اسان جي ٽائون ڪاميٽيءَ کي ماھانا ھڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ بجيٽ ھئڻ باوجود خبر ناھي ته اھي پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن. جو شھر ۾ صفائي سميت ڪو به ڪم نه ٿي رھيو آھي ته پوءِ اھا بجيٽ ڪٿي استعمال ٿي رھي آھي. ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ گھرجي. ھن ھتان جي چونڊيل ايم پي اي پير سيد پيار علي شاھ جيلاني ۽ ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان گھر ڪئي ته ان مھا ڪرپٽ ٽائون آفيسر کي ھٽائي سندس جاء تي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري شھر اندر صفائي سٿرائي سان گڏ ماتمي روٽن رستن ۽ چوڪن چورائن تي روشني جا انتظام مڪمل ڪرايا وڃن ته جيئن محرم الحرام نھايت عقيدت ۽ احترام سان منعقد ڪرائي سگھجي. ھنن ٻڌايو ته تازين برساتن سبب گھٽين ۽ بازارن ۾ برسات جو پاڻي بيھجي ويو آھي جيڪو پڻ نيڪال ڪرايو وڃي. ٻئي صورت ۾ اسان احتجاج جو حق رکون ٿا. ھوڏانھن خيرپور جي ضلعي انتظاميه ۽ رينجرس عملدارن راڻي پور جي مختلف امام بارگاھن ۽ ماتمي روٽن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ھنن رستن جو ناليون ۽ ڪراس ٺھرائڻ جو پڻ ٽائون انتظاميه کي حڪم ڏنو آھي. واضع رھي ته خيرپور ضلعو محرم الحرام دوران حساس ضلعو سمجھيو ويندو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.