ڪوٽڙي جي هندو خاندان سان سونڊا لڳ حادثو، ماءٌ ڌي سميت 3 ڄڻا فوت

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) سونڊا لڳ سانپا موري وٽ ڪار ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ ماءُ ڌيءُ ۽ ڪار ڊرائيور فوت، 2 نينگريون ۽ سندن والد سخت زخمي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل، ٺٽي کان ڪوٽڙي ويندڙ ڪار سامهون بوھ سان ڀريڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور تڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ جهرڪ اسپتال ويندي عورت کيمل ٻائي ۽ سندس نوجوان ڌيءَ رمشا فوت ٿي ويون، جڏھن تہ عورت جو مڙس رميش ڪمار ۽ سندن ٻن ڌيئرن تاجر ۽ انيشا جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.حادثي جو شڪار بدنصيب ديوان فيملي ڪوٽڙي جي ڄام هائوس ڀرسان رھندڙ ھئا، جيڪي ٺٽي مان ڪوٽري ويندي حادٿي جو شڪار بڻيا،افسوسناڪ حادثي بعد پوليس ۽ اتان گذرندڙ ماڻهن پهچي ٽرڪ ۾ ڦاٿل زخمين کي ٻاهر ڪڍي جهرڪ اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمين کين وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد منتقل ڪرڻ بعد لاش بہ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي ڪوٽري کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.