سڪرنڊ شهري اتحاد جي اڳواڻ جي گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شهري اتحاد جي صدر محمد مراد خانزاده جي گهرواري 75 سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه وقت عليل رهڻ بعد وفات ڪري وئي. کيس ناٿن شاهه بخاري قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس تڏو سڪرنڊ خانزاده محله ۾ وڇايو ويو آهي. جڏهن ته پوئيرن ۾ محمد مراد خانزاده ، نويد خانزاده سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.