محرم جو چنڊ نظر ايندي ئي ھر طرف يا حسين جون صدائون نواب شاهه ۾ عزاداري

نوابشاھ(ڊ ر ) محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي ھر طرف يا حسين عہ يا حسين عہ جون صدائون بلند ھر اک آلي نوابشاھ شھر جي ننڍن وڏن شھرن توڙي ٻھراڙين جي امام بارگاھن ۾ مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري آھي شھر جي چوڪن چوراھن ۽ پاڙن ۾ مومنين لاءِ سبيل امام حسين عہ جو پڻ انتظام ڪيو ويو آھي انھي حوالي سان نوابشاھ شھر جي مختلف علائقن ۾ قائم امام بارگاھن جنھن ۾ مرڪزي مُرتضوي امام بارگاھ موھڻي بازار، ياد گار ڪربلا امام بارگاھ، امام بارگاھ قمر بني ھاشم، امام بارگاھ مبدت العلوم، حسيني امام بارگاھ، سجاديہ امام بارگاھ، علي رضا امام بارگاھ سميت ٻين امام بارگاھن ۾ ٻاھرين ملڪن کان آيل ذاڪرين ڪربلا جي شھيدن جا فضائل ۽ مصائب پڙھي رھيا آھن ۽ مومنين پاران عزاداري پڻ ڪئي پئي وڃي مختلف امام بارگاھن ٻاھران رينجرز، پوليس سان گڏ مختلف اسڪائوٽس جا نوجوان سيڪيورٽي جا فرائض سر انجام ڏئي رھيا آھن جڏھن تہ نوابشاھ جي علائقي غلام حيدر شاھ ڪالوني ۾ قائم امام بارگاھ قمر بني ھاشم ۾ عراق کان آيل ذاڪر مذھبي اسڪالر علامہ شيخ  محمد عامر عباس نجفي مجلس عزا پڙي رھيو آھي جڏھن تہ اڄ مجلس بعد ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويندو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو واپس امام بارگاھ قمر بني ھاشم ۾ اختتام پذير ٿيندو ۽ عزادارن پاران عزاداري پڻ ڪئي ويندي. ان کان علاوھ  عزادارن پاران پنھنجن پنھنجن گھرن توڙي امام بارگاھن ۾ ھر سال جيان ھن سال بہ مولا غازي عباس عليہ السلام جو علم سجائي سينگاري بلند ڪري رھيا آھن امام بارگاھن ٻاھران قائم دوڪانن تي علم پاڪ، ذوالجناح، جھولا ۽ ٻين زيارين کي سينگارڻ جو سامان وٺڻ لاءِ عوام جو وڏو رش آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.