ماٿيلي لڳ گهر تي ڪاهه، زخمي نوجوان دم ڏنو، لاش رکي وارثن جو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) گذريل رات ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل سيدپور اسٽاپ واسي نوجوان نثار بوھڙ ولد امام بخش بوهڙ جي وارث عورتن ۽ مردن جو ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان نوجوان جو مڙھ رکي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مسمات شھزادي، مسمات حاڪم زادي، مسمات شبيران، امام بخش بوھڙ، شھزادو بوھڙ، دلدار بوھڙ، اختيار بوھڙ ۽ ٻين چيو ته گذريل رات جوابدارن علي بخش ڪوش، جان محمد عرف جانو ڪوش، امداد ڪوش، ممتاز ڪوش، بيربل ڪوش ۽ 3 نامعلوم ماڻھن اسان جي گھر مٿان ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب اسان جو نوجوان نثار احمد بوھڙ ولد امام بخش بوھڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو، جتان کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو ، جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آهي، ھنن چيو ته پوليس اڃان تائين اسان جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آهي، ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.