اسٽيل ملز جي سي اي او جو مدو پورو، واڌ ڏيڻ کان انڪار

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مدت ملازمت پوري، نئين مدت ڏيڻ لاءِ سي او جي ڪوشش ناڪام، وزارت صنعت پيداوار پاران موجوده سي او برگيڊيئر رٽائرڊ شجاع حسين ڪورزمي کي وڌيڪ مدو ڏيڻ کان انڪار، پاڪستان اسٽيل مل جي سروسز رولز مطابق سي او يا اعليٰ عملدارن جي مقرري جي عمر 60 سال هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته مدو پورو ڪندڙ سي او بابت ڄاڻ ملي آهي ته سندس عمر 64 سال آهي، سندس مقرري رولز ۽ ريگوليشن مطابق خلاف ورزي آهي ۽ هو نان پروفيشنل هجڻ سبب سندس توسيع نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته سربراهه اسٽيل مل شجاع حسين ڪورزمي مٿان چوريون، من پسند ماڻهن کي مراعتون ۽ ترقيون ڏيڻ شامل آهي، واضح رهي ته سي او ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن و پرسنل جي موجودگي ۾ اسٽيل مل کي هن وقت تائين 10 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي چوري ٿي چڪي آهي، جنهن جي تحقيقات لاءِ وزارت صنعت پيداوار پاران ليٽر موڪليو ويو آهي، هوڏانهن گذريل رات سي اي او پاڪستان اسٽيل شجاع حسين ڪورزمي جي اوچتي طبيعت جي ناسازگي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.