تنگواڻي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي،ڪنڌڪوٽ روڊ تي ڌرڻو

تنگواڻي(رپورٽ:مھتاب ملڪ) تنگواڻي ڀرسان ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد يعقوب بجاراڻي ۾ ھٿياربند ڳوٺاڻي ثناءُ الله بجاراڻي جي گھر ۾ داخل ٿيا ته  گھر ڌڻي جي نوجوان پٽ ظفر الله بجاراڻي ساڻن مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.زخمي ڳوٺاڻي کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.،هوڏانهن واقعي خلاف بجاراڻي برادري جي ماڻھن سوڪڙ اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي ٺل-ڪنڌڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ڳوٺاڻن مير بجاراڻي،علي شير بجاراڻي، نجيب الله بجاراڻي، عطاالله بجاراڻي، عنايت الله بجاراڻي ۽ چيو ته هٿياربند چوري جي نيت سان داخل ٿيا، مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان ظفرالله کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.هن چيو ته پوليس جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب چورن تر تپائي ڇڏيو آهي. هنن اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.