ميھڙ ( س ر )ميھڙ جي گهاڙي روڊ تي هڪ خانگي اسپتال ۾ مشھور ملھ پھلوان علي نواز ڊکڻ جي پوٽي 3 ورھين جي معصوم نياڻي مائزا ڌيء محسن سومرو گيسٽرو ھجڻ ڪري الٽي ۽ دستن سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي آھي فوتي ٻارڙي جي وارثن پاران ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيو هنن جو چوڻ هيو ته دستن ۽ الٽين سبب ٻارڙي اسپتال آندي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن هڻڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي آھي جانچ ڪئي وڃي