دڙي ۾ ٽن اسڪولن مان سامان چوري،شهرين جو احتجاج

دڙو (ن ع آ) دڙي ۾ پوليس ٿاڻي ڀرسان پرائمري اسڪول صفر شيدي، گرلز پرائمري اسڪول جمعو سولنگي ۽ پرائمري اسڪول طاهر سومرو مان در ،دريون ،لوهي گرل ،بئنچون، ٽيئر، گارڊر ،پاڻي جو موٽر، لوھ جي الماري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا.وئڪسيشن  ختم ٿيڻ بعد جڏهن اسڪول کلي ويا تڏهن چوري جي واردات جي خبر پئي. جڏهن ته چوري واري واقعي خلاف استادن، شاگردن ۽ سڄاڻ ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي جي ايم شاھ ، اعجاز اختر ميمڻ ، رشيد سومرو ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن چور محمود واھ ڀرسان سچو ڪنگاڻي جي سروس اسٽيشن مان قيمتي جنريٽر چوري ڪري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.