ڄامشوري ۾ ڦر جي وارڌات، ڦورو سوگها مارڪٽ، پوليس حوالي

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ نوجوان کان ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻن ڦورن کي متاثر پنهنجي گهرڀاتين جي مدد سان سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي فيز-2 ۾ شورو ڳوٺ موڙ وٽ جوڻيجا ويلفيئر آرگنائيزیشن جي مرڪزي صدر برڪت علي خان جوڻيجو جي ڀاءُ خانگي دواساز ڪمپني ۾ نوڪري ڪندڙ محبوب علي جوڻيجو کان ڦورن هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، متاثر نوجوان پنهنجي گهرڀاتين ۽ پوليس کي اطلاع ڪري ڦورن جو پيڇو ڪري ٻن ڦورن ڪوٽڙي واسي منير اوڏ ۽ خان محمد اوڏ کي سوگهو ڪري ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جوڻيجا ويلفيئر آرگنائيزیشن جي مرڪزي صدر برڪت علي خان جوڻيجو ۽ سندن وڏو ڀاءۡ سماجي شخصيت رستم علي خان جوڻيجو جو چوڻ هو ته اسان جو ڀاءۡ محبوب علي جوڻيجو ڄامشورو سينڊوز روڊ تي خانگي دواساز ڪمپني جي ايس ڪي ۾ نوڪري ڪندڙ اڄ صبح 7 بجي هو ڊيوٽي تي وڃي رهيو هيو ته انڊس هاء وي کان شورو ڳوٺ طرف لهندڙ موڙ وٽ ٻه هٿياربندن هن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي رهيا هئا جن کي پنهنجي مڙسي پاڻ ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهيوسين ۽ پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي ڦورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پسٽل سميت سوگهو ڪري ورتوسين, هنن چيو ته ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، ايس ايس پي ڄامشورو شهر ۽ سوسائٽي ۾ پوليس گشت کي وڌائي ۽ اضافي نفري مقرر ڪري ته جيئن ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.