شادي پلي ۾ گيسٽرو جو زور، او پي ڊي 500کان وڌي وئي

شادي پلي (ن ع  آ) شادي پلي ۽ ڀرپاسي برساتن کان پوءِ گيسٽرو جو زور وڌي ويو.گڙڪي، سائين داد اسشيشن، سعدڪي شاخ،پراڻي شادي پلي، جڳو ڀرڳڙي، شادي پلي سميت مختلف علائقن  ۾گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي،  جنهن ڪري بي ايڇ يو شادي پلي ۾ مريضن جي روزاني او پي ڊي هن مهل پنج سئو کان وڌي وئي آهي  جڏهن ته نجي اسپتالن مان علاج ڪرائيندڙ مريضن جو تعداد ان کان به وڌيڪ آهي. ان ڏس ۾ هتان جي رهواسين مانسنگهھ ڪولهي،  دلبر بلوچ،امداد بلوچ  ۽ ٻين صحت کاتي اختيارين کان فوري طور تي نوٽيس وٺي گيسٽرو تي ضابطو آڻن جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.