ميرپورخاص ۾برساتن بعد بيماريون، چوپايو مال مرڻ لڳو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ضلعي ۾ برساتن بعد چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون ڦهلجي ويون آهن، بيماريون ڦهلجڻ ڪري مالوندن جون لکين رپين جي ماليت جون مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون مرڻ لڳيون آهن جڏهن ته سون جي تعداد ۾ چوپايو مال بيمارين ۾ ورتل آهي، جنهن ڪري مالوند سخت پريشاني جو شڪار آهن. ميرپورخاص جي تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪائونسل ترڪ علي مري جي ڳوٺن مريد خان ڪپري ۾ اسلم ڪپري جي مينهن، ڳوٺ ولي محمد ڪپري ۾ فيض محمد ڪپري جون 5 ٻڪريون، ساڳي ڳوٺ ۾ مبارڪ  ڪپري جي ڳئون سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برساتن بعد مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر ڳوٺاڻن ۽ مالوندن وٽرنري کاتي جي ڪامورن کي بيمار جانورن جي علاج ۽ ويڪسين ڪرڻ جي اپيلن جي باوجود وٽرنري کاتي جي ڪامورن جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري سنڌ حڪومت پاران چوپائي مال جي واڌ ويجھ لاءِ قدم کڻڻ ۽ چوپائي مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ لکين روپين جا فنڊ، گاڏيون، پگھارون ۽ ويڪسين جاري ڪرڻ جي باوجود وٽرنري کاتو پنهنجي نااهلي جي ڪري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪپري چيو ته يوسي ترڪ علي ۾ واقع ڪپرين جي مختلف ڳوٺن سميت ٻين ڳوٺن ۾ چوپائي مال اندر برساتن بعد وڏي پئماني تي بيماريون ڦهليل آهن سوين ڍور ڍڳا بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن مالوندن جو لکين رپين جي ماليت جون مينهون، ڍڳيون ٻڪريون مري رهيون آهن پر وٽرنري کاتو ڪن لاٽار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وٽرنري کاتي جي ڪامورن کي ڳوٺ ۾ بيمار جانورن جو علاج ڪرائڻ لاءِ اچڻ جو چوڻ تي ان وقت تائين ڳوٺ نه ٿا اچن جيستائين کين گاڏي موڪلي ساڻ کڻي نه ٿو اچجي جڏهن ته برساتن بعد هن وقت تائين وٽرنري کاتي پاران چوپائي مال جي ويڪسين پڻ نه لڳائي وئي آهي، جنهن جي اشد ضرورت آهي. هن ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجازشاه، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ذين العابدين ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وٽرنري کاتي جي ڪامورن جي نااهلي جو نوٽيس وٺي فوري طور تي بيمار چوپائي مال جي علاج لاءِ ٽيمون جوڙي ڳوٺ ڳوٺ پهچي چوپائي مال جو علاج ۽ ويڪسين ڪئي وڃي ته جيئن مالوند ۽ ڳوٺاڻان وڏي نقصان کان بچي سگھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.