خيرپور ۽ ڀرپاسي گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 80 مريض داخل

خيرپور (س ر)  خيرپور شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ گيسٽرو جر مرض تي ضابطو ناهي ٿي سگھيو جڏههن ته گذريل 24 ڪلاڪن  ۾ وڌيڪ 80 مريضن کي گيسٽرو وگھي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جن ۾ مبين  فهيم ،شاهد ،حيدر،علي شير ،ناظم ،افتخار،بابر،فوزيه، امينه، زاهده، امبر، خديجه ۽ ٻيا شامل آهن جن جو تعلقو خيرپور،احمدپور، پريالوءِ، ڪوٽ مير محمد ۽ ٻين علائقن سان آهين ان سلسلي ۾  گيسٽرو وگھي  داخل ٿيل مريضن جي وارثن ٻڌايو  ته سرڪاري اسپتالن ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا  مريضن جي علاج  لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا مريضن  تڙپي رهيا آهن  ان جي باوجود  ڊاڪٽر وارڊ ن ۾ اچڻ  لاءِ تيار ناهن  هنن چيو ته وڏي انگ ۾ مريضن  هئڻ سبب بيڊن  جي کوٽ پڻ برقرار آهي  جنهن ڪري هڪ بيڊ تي 3_3  ٻارڙن کي سمهاري علاج ڪيو پيو وڃي .هنن صحت کاتي  جي وزير  کان مطالبو ڪيو ته فوري طور  تي نوٽيس وٺي  اسپتالن ۾ سهولتن  فراهم ڪيو وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.