گمبٽ ۾ پسند پرڻي تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

گمبٽ(ن ع آ ) گمبٽ جي فاروقي پاڙي ۾ پيار پرڻو ڪرڻ تان هٿياربندن گوليون هڻي ڳوٺ وڏ پڳيا واسي 25 سالن جي نوجوان بخت علي خاصخيلي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڦرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس ٻڌايو ته ڪجھ وقت اڳ نوجوان بخت علي خاصخيلي گوپانگ برادري جي ناري سان پيار پرڻو ڪيو هو. جيڪي کيس ڌمڪيون ڏيندا هئا. اڄ(ڪالھ) گوپانگ برادري جي هٿياربندن نوجوان کي فاروقي پاڙي ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان جان بچائڻ لاء ناريجا برادري جي گھر ۾ پناه ورتي جتي ھٿياربندن کيس گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ھٿيار بند پوليس پھچڻ کان اڳ فرار ٿي ويا.  پوليس زخمي کي کڻائي گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر پهچايو  جتي ڊاڪٽرن نوجوان بخت علي خاصخيلي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. هوڏانهن پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار فرار ٿ ٿي ويا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا پيا وڃن آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.