خانپور مهر لڳ تشدد ٿيل هندو نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي، اسپتال منتقل

خانپورمهر ( ن ع  آ ) خانپورمهر ۾ 4 ڏينهن اڳ خانپورمهر پوليس هٿان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل هندو مينگهواڙ نوجوان وجئي ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي،جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال کڻائي ويا آهن، جتي کيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن وارثن موجب نوجوان وجئي ڪمار مٿان تشدد ايترو ڪيو ويو آهي جو رات دير سان سندس حالت خراب ٿي وئي، کيس رحيميارخان اسپتال نيو ويو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب نوجوان تي پوليس هٿان تشدد ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل هندو سيٺ معاملي کي راڄوڻي وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، واضع رهي ته 4 ڏينهن اڳ نوجوان وجئي ڪمار کي هندو ڇوڪري سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري پوليس پاران تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ گذريل ڏينهن مينگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن انصاف لاءِ احتجاج پڻ ڪيو هو پر اڃا تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.