ٻُڏل بلوچستان ڪڏهن نظر ايندو؟

 انجنيئر گلاب مري/ڳوٺ گل بيگ مري

 هونئن ته هر معمولي خبر به مرچ مصالحن سان ميڊيا تي پنهنجي مشهوري ماڻي ٿي. پر ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا جي ٻِه اکيائي تي افسوس به ٿيندو آهي.هلندڙ مون سون جي برساتن ۾ سموري سنڌ به ٻوڏ ۾ لڙهي وئي. برسات جي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست ٿيل نه هجڻ ڪري ڪافي نقصان ٿيو. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي! 2010ع واري ٻوڏ به ڪٿي وسري آهي؟

 آئون تازوئي ڪوئيٽا جي ياترا ڪري آيو آهيان. بلوچستان ۾ به ساڳي حالت هئي. ڪوئيٽا جي شهر ۾ ته برسات ايڏو نقصان نه ڪيو، باقي جابلو علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي. سوشل ميڊيا تي ڏسون ٿا، سيلابي ريلن ۾ ننڍڙن ٻالڪن، نوجوانن جا لاش ايئن پيا لُڙھن، جيئن ڪي مئل جانور هجن! سوشل ميڊيا تي آئي ڏينهن اسان کي بلوچستان جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي جون وڊيوز ۽ تصويرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. ڏسي به نٿيون سگهجن.!

 افسوس ته ميڊيا جي خاموشي تي ٿئي ٿو ۽ چونڊيل حڪمرانن تي ٿئي ٿو، جن سيلاب سَٽيلن جي هن وقت تائين ڪا سار نه لڌي آهي. رب سائين شل! ٻوڏ سَٽيلن تي پنهنجو ڪَرم فرمائي، آمين!

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.